اسلام آباد (م ڊ)  اسلام آباد ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته اسان پاڪستان کي سستي گيس، بجلي ۽ تيل ڏئي سگهون ٿا. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي قومي اخبارن جي ايڊيٽرن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي دوران  پڇيل سوالن جي جواب ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي گادي وارن شهرن ۾ سڌي ريت اڏامون شروع ڪيون وينديون ان لاءِ ايران پاڪستان کي باضابطه تجويز ڏني آهي، ڪابينه جي اجلاس مان منظوري وٺڻ کان پوءِ اڏامون شروع ڪرڻ جي باري ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان پي آءِ اي کي اسلام آباد مان ايران لاءِ پنجين آزادي جي سهوليت لاءِ چيو آهي، ايران به پنهنجي چئن ايئرلائينن لاءِ ساڳئي سهوليت طلب ڪئي آهي. في الحال لاهور ۽ ڪراچي کان مشهد لاءِ اڏامون هلي رهيون آهن. ايران کان پاڪستان کي پائيپ لائن ذريعي گئس جي فراهمي حوالي سان ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته هن وقت آمريڪي پابنديون آهن ان لاءِ اسان اهڙو حل چاهيون ٿا ته پاڪستان ايران کان گيس پائپ لائين وٺي ته ان کي پريشاني نه ٿئي. هن چيو ته پاڪستان بجلي ۽ گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ايران پاڪستان کي سستي گئس، ستي بجلي ۽ سستو تيل فراهم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ايراني سفير چيو ته ايران چين جي ڪوششن سان سعودي عرب سان لاڳاپا بحال ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. اهڙي طرح عراق، عمان ۽ چين جي مهرباني. ايران جا به متحده عرب امارات سان ڪافي سٺا لاڳاپا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here