ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اليڪشن 90 ڏينهن کان اڳتي وئي ته آئيني بحران پيدا ٿيندو، عام چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت قبول نه ڪئي ويندي. پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ   پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سي ايِ سي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ جي تازي سياسي صورتحال ۽ اليڪشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سي ايِ سي جي اجلاس کانپوءِ پارٽي اڳواڻن سان گڏ بريفنگ ڏيندي شيري رحمان چيو ته تڪ بندين جو جواز ٺاهي چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائي. هن چيو ته پ پ قيادت جي راءِ آهي اليڪشن ۾ دير قبول نه هوندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي اقتصادي صورتحال هن وقت سنگين آهي، هن وقت عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. شيري رحمان چيوته ‎عام چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائي ملڪ کي بحران مان ڪڍيو وڃي. اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سندن مطالبو آهي ته چونڊون وقت تي ڪرايون وڃن. هن چيو ته ان شماري ۾ تڪبندي جي ڪا به ضروري ناهي، 90 ڏينهن ۾ چونڊ ٿي سگهي ٿي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here