همبٽنوٽا (م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ اڄ کيڏي ويندي . سريلنڪا جي شهر همبٽنوٽا ۾ ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي جيڪا پاڪستان جي وقت منجهند اڍائي وڳي شروع ٿيندي. گرين شرٽس کي افغانستان خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ ٻه ٻڙي جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. واضع رهي ته پاڪستان ٽيم افغانستان جي پهرئين ون ڊي ميچ ۾ وڏي مارجن 142 رنسن سان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ هڪ وڪيٽ تان هارائي سيريز 2 ٻه ٻڙي تان کٽي ورتي هئي.