ڳڙهي ياسين (رپورٽر) ڳڙھي ياسين ناري ۽ نوجوان کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گذريل ڏينهن شام ڳوٺ مارو ڪاڪيپوٽو ۾ مسمات عروسه ڪاڪيپوٽو ۽ نوجوان عامر لاشاري کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو هو. پوليس ٻٽي قتل ۾ ملوث ناري جي چاچي حافظ رحمان ڪاڪيپوٽو ۽ سئوٽ شعيب ڪاڪيپوٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي گرفتار جوابدارن جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل مليو آهي. پوليس موجب، جوابدارن اعتراف آهي ته هنن غيرت جي نالي تي پسٽل جا فائر ڪري ناري ۽ نوجوان کي کي قتل ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here