اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هائيڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي درخواست رد ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهيءَ ۾ بينچ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ بيماري سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو. مددگار وڪيل چيو ته گذريل 8 مهينن کان هنن دير ناهي گهري، ڊاڪٽر بيڊ ريسٽ جي تجويز ڪئي سندس وڪالت نامو هن ڪيس ۾ ناهي. چيف جسٽس اسلام آباد هائيڪورٽ چيو ته هو به ٽرائل ڪورٽ وارو ڪم ڪري سگهن ٿا پر ائين نه ڪندا. عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي فوري طور سزا معطل ڪرڻ بابت درخواست رد ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.