اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري چونڊ عمل ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪري ۽ جمهوري طريقي سان اقتدار جي منتقلي جي حوالي سان آئيني تسلسل کي برقرار رکڻ آهي، پاڪستان آمريڪا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، آمريڪي ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت جي لاءِ آمريڪا جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ گڏيل قدرن ۾ ڳنڍيل آهن. هن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حڪومت جي خواهشن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ته اها چونڊ عمل ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪري ۽ جمهوري طريقي سان اقتدار جي منتقلي جي حوالي سان آئيني تسلسل کي برقرار رکي. وزيراعظم پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڌاراجاتي ايجنڊا کي جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آمريڪي نجي شعبي جي پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ معاونت جو ذڪر ڪندي هن اميد ظاهر ڪئي ته وڌيڪ آمريڪي ڪمپنيون سيڙپڪاري جا موقعا ڳولينديون ۽ خاص طور تي پاڪستان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن مان فائدو کڻنديون. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here