واشنگٽن (م ڊ) امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي اليڪشن مداخلت ڪيس ۾ باقاعده گرفتار ۽ پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، 2020 جي اليڪشن مداخلت ڪيس ۾ اڳوڻي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ کي فـُلٽن ڪائونٽي جيل ۾ پيش ڪيو، امريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي صدر جي قيدين واري تصوير به جاري ڪئي وئي. فلٽن ڪائونٽي شيرف موجب، ٽرمپ جي آڱرين جا نشان به ورتا ويا، جڏهن ته جيل ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک ڊالر جي ضمانت ڪرائيندي هو پنهنجي قافلي سان گڏ روانو ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، پيشي جي موقعي تي اڳوڻي صدر دعوى ڪئي ته کيس ڪيس ۾ گھلڻ اصل ۾ 2024 ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ان جي کيس اميدوار ٿيڻ بڻجڻ کان روڪڻ جي ڪوشش آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، فوجداري ڪيس انصاف جو قتل آهي، وٽس 2020 جي اليڪشن کي چيلينج ڪرڻ جو پورو حق آهي. ٽرمپ ڊسٽرڪٽ اٽارني جي طنز ڪندي چيو ته معاف ڪجو، هو گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ اٽلانٽا وڃڻ لاءِ به تيار آهي. واضح رهي ته جارجيا اليڪشن ڪيس ۾ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهن 19 ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ شڪست کي بدلائڻ جي ڪوشش ۾ ملوث هجڻ جي الزامن کي منهن ڏئي رهيا آهن…..