اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيرعظم انوار الحق ڪاڪڙ اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم دوري دوران بلوچستان جي  نگران وڏي وزير، صوبائي ڪابينا ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقات ڪندو. انوار الحق ڪاڪڙ ڪوئيٽا ۾ قبائلي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو جنهن کانپوءِ ميڊيا ٽالڪ ڪندو. نگران وزيراعظم سان دوري دوران نگران گهرو وزير، سڌ سماءَ وارو وزير ۽ ٻيا نگران وفاقي وزير گڏ هوندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here