اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڏکئي ريسڪيو آپريشن جي ڪاميابي جي لاءِ بهترين حڪمت عملي تيار ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي، ملڪ محفوظ هٿن ۾ آهي، طاقت جي زور تي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جا خواهشمند غلط فهمي ختم ڪري ڇڏين اهڙو ڪجهه نه ٿيندو، نگران حڪومت جي ذميواري چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بٽگرام چيئر لفٽ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺندڙن جي اعزاز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هي خوشي جو موقعو آهي ڇو ته چيئر لفٽ حادثي جي شاگردن کي الله تعاليٰ نئين زندگي ڏني آهي. هن چيو ته هي واقعو سامهون اچڻ کانپوءِ پوري قوم پريشاني ۽ خوف ۽ خدشن جو شڪار هئي ڇو ته انهن شاگردن جي زندگي جو معاملو هو. هن چيو ته هي نوجوان اسان جو مستقبل آهن ۽ اهي پاڪستان جو چهرو آهن، اسان ٺوس انداز ۾ ڪوشش ڪري پنهنجي مستقبل کي بچايو، اهي ٻار منهنجا پٽ جهڙا هئا، انهن کي ان حالت ۾ ڏسي ڏک وڌي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا جون نظرون ان ڳالهه تي هيون ته پاڪستان ان مشڪل کي ڪيئن منهن ڏيندو. هن چيو ته مشڪل موسم ۽ صورتحال جي باوجود ڀرپور منصوبابندي ۽ ٺوس طريقي سان آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو، شاگردن جو امداد جي لاءِ ايندڙ فوجي جوانن کي ڏسي حوصلو بلند ٿيو، اها ڪاميابي اسان سڀني جو گڏيل ڪريڊٽ آهي، پوري قوم انهن ٻارن جي زندگين جي لاءِ دعائون ڪيون، الله تعاليٰ اسان جون دعائون قبول ڪيون، اسان جو ايمان آهي ته فيصلا آسمان تي ٿين ٿا. هن چيو ته تلخ واقعا اسان جي زندگي ۾ ايندا رهندا آهن، گذريل ڏينهن وزيرستان ۾ پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿيا، پاڪ فوج، پوليس، سياستدانن، صحافين ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ مختلف شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اسان پنهنجي شهيدن کي نه وسارينداسين. هن چيو ته اهي شهيد اسان جي رت جي رشتيدارن کان وڌيڪ آهن، اسان جو انهن سان مضبوط سماجي معاهدو آهي، پاڪستانيت وسيع لفظ آهي. وزيراعظم چيو ته شهرين کي صحت، تعليم جون سهولتون ۽ روزگار ۽ باعزت زندگي جا موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، جيڪي اهو سمجهن ٿا ته اهي طاقت جي زور تي سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيندا، انهن کي پنهنجي غلط فهمي ختم ڪرڻ گهرجي، ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. هن چيو ته هي اسان جو گهر آهي، گهر جو نظام بااختيار ۽ باصلاحيت ماڻهن وٽ آهي، 80 هزار شهيدن جا پورا خاندان آهن، انهن جو درد لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، رڳو اهو محسوس ڪري سگهي ٿو جيڪو ان مان پاڻ گذريو هجي. هن چيو ته اسان ملڪ جي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي عزت ۽ احترام ڏيون ٿا، انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، قرآن پاڪ ۾ شهيدن جو عظيم رتبو بيان ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي شهيدن جا مقروض آهيون. هن چيو ته نگران حڪومت وٽ محدود وقت آهي، چونڊن ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جو مينڊيٽ آهي پر بطور شهري مون کي به اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته 22 آگسٽ تي چيئر لفٽ حادثي جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ايس جي ڪمانڊوز سميت ٻين ادارن ۽ مقامي ماڻهن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي، سمورن ادارن ٺوس انداز ۾ آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو، اين ڊي ايم اي قدرتي آفتن ۽ حادثن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بٽگرام چيئر لفٽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ايس ايس جي ڪمانڊوز سميت ٻين ادارن جي اهلڪارن ۽ مقامي ماڻهن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here