اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي پسماندگي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبار خان ملاقات ڪئي. وڏي وزير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي وڏي صلاحيت موجود آهي جنهن مان ڀرپور طريقي سان فائدو نه کنيو ويو آهي، گلگت بلتستان جي پسماندگي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. گلگت بلتستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي دوري ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب جي دعوت ڏني جنهن کي نگران وزيراعظم قبول ڪري ورتو. نگران وزيراعظم چيو ته تمام جلد گلگت بلتستان جو دورو ۽ گلگت بلتستان يونيورسٽي جي شاگردن سان ملاقات ڪندس. وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي انتظامي معاملن ۽ مسئلن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي مسئلن جي حل ۽ اتان جي ماڻهن جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام تمام مهمان نواز آهي جنهن جو ڪيترائي ڀيرا پاڻ تجربو ڪري چڪو آهيان.