اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جنهن تاريخ جو اعلان ڪندي، ان تي چونڊون ڪرائينداسين، اليڪشن ڪميشن جي موقف جي پٺيان بيٺل آهيون، اسان اليڪشن ڪميشن جا اختيار نه ٿا وٺڻ چاهيون، آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور مدد ڪنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته آرٽيڪل 51 تحت اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرڻ جي پابند آهي ۽ ان شيڊيول به ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته ملڪ کي چونڊيل نمائندا هلائيندا، اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن سمجهي ٿي ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي، شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ته اسان مدد ڪنداسين. معاشي صورتحال بابت سوال تي مرتضيٰ سولنگي چيو ته معاشري بهتري جي لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڪجهه ڏينهن ۾ معاشي بحالي جو پروگرام پيش ڪندي. هن چيو ته اسان کي جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي اسان جي ذميواري آهي ته ان کان بهتر حالت ۾ ملڪ چونڊيل نمائندن کي ڏئي وڃون.