ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ پارٽي وفد کي اليڪشن ڪميشن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچي ۾ٿيندو. ذريعن موجب، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن وفد موڪلڻ ۽ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. سي اي سي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪندڙ موقف جي به منظوري ڏني ويندي. ان کان علاوه اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال جي حوالي سان به معاملا بحث هيٺ ايندا. واضع رهي ته اليڪشن ڪميشن پيپلزپارٽي کي 29 آگسٽ تي بريفنگ لاءِ دعوت ڏني آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here