ڪنب (رپورٽر) ڪنب واسي عورت گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويئي، وارثن پاران ڊاڪٽرن تي لاپرواهي جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو.ڳوٺ گل محمد ڄامڙو واسڻ حنيفا گمس اسپتال دم فوت ٿي ويئي. فوتي عورت جي وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام لڳائيندي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. فوتي عورت جي پٽ رفيق ڄامڙي صحافين کي ٻڌايو ته هو پنهنجي امڙ کي بيماري سبب اسپتال وٺي آيو جتي ڊاڪٽرن علاج ڪرڻ لاءِ رڳو وارڊن جا چڪر ڪٽرائيندا رهيا. فوتي عورت جي پٽ صحت کاتي جي اعلى عملدارن کان مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو ڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here