اڳوڻي اتحادي سرڪار ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي ڳالهين تائين محدود رهي پر هڪ به مسئلو حل نه ڪيو پر قوم کي ويتر مهانگائي، بيروزگاري ۽ پريشانين جي ور چاڙهي ڇڏيو آخرڪار مملڪت خداداد کي هاپ ڪ نگران سيٽ اپ حوالي ڪري هلي وئي، نگران سيٽ ۾ شامل ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان جو ڪم صرف اڻڌريون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي اها ڳالهه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هن ريت ڪئي آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نٿا آڻي سگهون، هن چيو ته اسان جي بنيادي ذميواري چونڊن لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي،نگران حڪومت وٽ روزاني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، نظريا پاڪستان ترجيح آهي، گذريل حڪومت جون پاليسيون جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين ڀڃڪڙين جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، جيستائين قومي اسيمبلي جو ايوان نه ٿو اچي، ان وقت تائين قانونسازي نٿي ٿي سگهي، وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جنهن مقصد لاءِ قائد اعظم هن رياست جو بنياد رکيو، انهي جي تجديد لاءِ پنهنجون پوريون صلاحيتون استعمال ڪنداسين، اسين آئيني ذميواري تحت محدود وقت لاءِ آيا آهيون، اسان ڪوشش ڪنداسين ته انتهائي شفاف ۽ غير جانبدار طريقي سان اليڪشن ڪرايون، جيڪو سمورين ڌرين کي قابل قبول هجن، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي محدود وقت ۾ قائداعظم ۽ علامه اقبال جي پيغام کي ورجايون، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان آئيني ۽ قانوني مرحلي مان گذري، هي ملڪ غالب اقليت لاءِ وجود ۾ آيو 11 آگسٽ تي قائداعظم جيڪا تاريخي خطاب ڪيو، اهو دراصل نئين اقليتن لاءِ هو، قائد بنيادي نعرو ڏنو هو ته پاڪستان اندر معاشي ۽ سياسي حق رياست کان شهرين ڏانهن منتقل ٿيندا، ڪنهن کي پشتون، سنڌي، هندو يا مسلمان طور نه پر سڀني فردن کي صلاحيتن ۽ اهليت آڌار مڃتا ملندي اسان کي جيڪا ذميواري ملي آهي اها قائد جي خيالن جي مظهر ضرور آهي، پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ ماڻهو ايمانداري سان اڳتي وڌندي نظر اچن پيا، اهو ئي عمل پاڪستان لاءِ رول ماڊل آهي. وزيراعظم انوار الحق جون ڳالهيون بلڪل درست آهن ته نگران حڪومت جو ڪم اڻ ڌرين ۽ شافاف چونڊن کي يقيمي بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي پر ملڪ جن مسئلن مان گذري رهيو آهي انهن مان قوم کي نجات ڏيارڻ به حڪمرانن جي ذميواري آهي ان ڪري نگران سرڪار کي عوام جا اهنج نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here