ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي سامهون اچي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1900 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 32 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1629 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 99 هزار 417 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 3 ڊالر واڌ سان 1904 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.