اسلام آباد: (م ڊ) سپريم ڪورٽ موجب وڪيل عبدالرزاق شر قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم برقرار رهندو.تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ڪوئٽه جي وڪيل جي قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي نامزدگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل لطيف کوسي کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيڻ جو چيو هو. ڇا اوهان جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيا؟ وڪيل لطيف کوسي جواب ڏنو ته نه مان پيش ٿيو آهيان نه ئي وري مون کي پيش ٿيڻو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا اهو اوهان طئي ڪندو ته پيش ٿيڻو آهي يا نه؟ مان ننڍو سوال ڪري رهيو آهيان ها يا نه ۾ جواب ڏيو. لطيف کوسي چيو ته اسان طئي ڪري ورتو آهي اسان جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿينداسين. گذريل ٻڌڻي تي عدالتي ماحول خراب ٿي ويو. پر سپريم ماڻهپي جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته هن معاملي ۾ ڪيترائي اهڙا سوال آهن جيڪي اسان سوچي رکيا آهن. جڏهن ٻڌڻي ٿيندي ته انهن سوالن جا جواب اوهان کان پڇنداسين. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ وڪيل لطيف کوسي جو ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا تي عدالتي موڪلن کان پوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.