ڪراچي (م ڊ) انٽر بينڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو مسلسل جاري آهي ۽ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر ٽرپل سينچري مڪمل ڪري ورتي. انٽربينڪ ۾ ڊالر 36 پئسن جي اضافي سان 300 رپين جو ٿي ويو آهي جيڪا ملڪي تاريخ ۾ آمريڪي ڊالر جي سڀ کان بلند ترين سطح آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به تيزيءَ جو رجحان برقرار آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 300 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي بعد هنڊريڊ انڊيڪس 47 هزار 723 پوائنٽس جي سطح تي پهچي وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here