راڻيپور (رپورٽ: وحيد شاهاڻي) راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو جي ڪيس ۾ گرفتار پير اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه جي ضمانت جو مدو ختم ٿي ويو جڏهن ته پوليس ڪيس جي جاچ ۾ رنڊڪ وجهڻ جو 40 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ نينگري جي امڙ حنا شاهه جي والد پير فياض شاهه کي به ڪيس ۾ شامل ۾ ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي. راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو جي ڪيس ۾ گرفتار پير اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه جي ضمانت جو مدو ختم ٿي ويو. پوليس ڪيس جي جاچ ۾ رنڊڪ وجهڻ جو 40 جوابدارن خلاف راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. اي ايس آءِ اصغر شاهه جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو . ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي جوابدار حنا شاهه جي ضمانت جي تاريخ پوري ٿيڻ تي اطلاع مليو ته ڪجهه وڳوڙي اوطاق ۾ گڏ ٿي پوليس، صحافين ۽ سوشل ميڊيا وارن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن. ڪيس جي متن موجب، علي حسن ملاح، مريد سولنگي ۽ اڪرم بيهڻ ماڻهن کي پوليس، صحافين ۽ سوشل ميڊيا وارن خلاف ڀڙڪائي رهيا هئا پوليس کين روڪيو ته اوھان غلط ڪري رهيا آهيو. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته راڻيپور گادي نشين جي بنگلي ۾ علي حسن ملاح، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي مٿان هڪ صحافي جي ذريعي 3 ڪروڙ رپيا طلب ڪرڻ جو الزام لڳايو، جي ڊبليو سي جي جنرل سيڪريٽري شوڪت نوناري سميت ٻين کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو. ڪيس جي متن موجب، فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مقتول نينگري جي امڙ، جوابدار حنا شاهه جي والد پير فياض شاهه کي به ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here