ماسڪو (م ڊ) روس جي راڄڌاني جي اتر اولهه واري علائقي ۾ باغي گروپ ويگنر جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سربراهه يوگيني پريگوزن سوڌو 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. عالمي ميڊيا جي رپورٽ موجب روس جي اتر اولهه واري علائقي ۾ هڪ ڪاروباري جهاز ڪـِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سوار سمورا 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، جهاز ماسڪو کان سينٽ پيٽرزبرگ وڃي رهيو هو جنهن ۾ 7 مسافر ۽ 3 عملو سوار هئا. روسي حڪومت حادثي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ويگنر گروپ جو سربراهه به جهاز ۾ سوار هو، جيڪو حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو جڏهن ته مسافرن مان ڪو به بچي نه سگهيو. روسي ميڊيا موجب واقعي واري هنڌ تان 8 لاش هٿ ڪيا ويا آهن. ويگنر گروپ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل شروعاتي بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جهاز کي زمين تان نشانو بڻايو ويو آهي. هوڏانهن آمريڪي فوج جي اڳوڻي صلاحڪار الزام لڳايو آهي ته حادثي جي پويان روسي صدر پيوٽن جو هٿ آهي، هاڻي روس کي ان حادثي جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. واضع رهي ته يوگيني پريگوزن هلندڙ سال جون ۾ روسي صدر خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو، بعد ۾ بيلاروس جي صدر جي مداخلت سان، ٻنهي طرفن جنگبندي تي اتفاق ڪيو ۽ پوءِ باغي گروپ واپس پنهنجي ڇانوڻين ڏانهن واپس هليا ويا.