ڪراچي (رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو قتل ڪيس 14 سالن کانپوءِ ٻيهر اوپن ٿي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس مان جوابدارن کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي، درخواست گذار نور محمد 2010 ۾ قتل ڪيس جي جوابدارن کي بري ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، ڪيس ۾ فريادي طرفان پير مجيداڻو، ظهير سومرو ۽ سجاد عباسي تي ٻڌل وڪيلن جي پينل وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست گذار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ٽن هفتن بعد ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي، مير مرتضيٰ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996 تي پوليس مقابلو ڄاڻائي ساٿين سميت قتل ڪيو ويو هو، ڊسمبر 2009 ۾ ماتحت عدالت اڳوڻي آءِ جي واجد دراني، ڪراچي پوليس جي اڳوڻي سربراهه شاهد حيات، آءِ بي جي اڳوڻي سربراهه مسعود شريف ۽ اڳوڻي ڊي آءِ جي شعيب سڊل سميت 20 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بري ڪري ڇڏيو هو، قتل ڪيس ۾ نامزد انسپيڪٽر حق نواز سيال مبينا طور آپگهات ڪيو هو، ڪيس مان بري ٿيل ڪراچي پوليس جو اڳوڻو سربراهه شاهد حيات به فوت ٿي چڪو آهي