اسلام آباد: (م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ توشه خانه فيصلي کي ٽرائيل ڪورٽ جو غلط فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ۽ جسٽس جمال مندوخيل تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ غلطيون ڪيون آهن. معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ آهي ان لاءِ اڄ مداخلت نٿا ڪريون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڀاڻي اپيل ٻڌي، اسان ٻئي ڏينهن ڪيس ٻڌنداسين. چيف جسٽس چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ غلطيون سامهون اچي ويون آهن. ٽرائل ڪورٽ جو ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ وارو فيصل هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏنو هو. هاءِ ڪورٽ ڪجهه نون نڪتن تي ٽرائل ڪورٽ کي فيصلي جو چيو هو پر ٽرائل ڪورٽ پنهنجو ساڳيو ڪالعدم فيصلو بحال ڪري سزا ٻڌائي. چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪهڙا انصاف جا موقعا ڏنا ويا ؟ 3 قلم ڪيس ۾ وجهي ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي سزا ٻڌائي جيل اماڻي ڇڏيو. چيئرمين پي ٽي آءِ کي ته ٻڌو ئي نه ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته ٽرائل ڪورٽ فيصلي کان اڳ 3 ڀيرا جوابدار کي موقعو ڏنو هو، جوابدار جي غير حاضري تي ٽرائل ڪورٽ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ دفاع جي حق کان سواءِ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ڪيئن ڪري ڇڏيو. توشه خانه ڪيس جي فيصلي ۾ ايتري تڪڙ ڇو ڪئي وئي؟ ٻڌڻي دوران عمران خان طرفان وڪيل لطيف کوسو عدالت کي ٻڌايو ته اسپيڪر پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو هو. قانون موجب اليڪشن ڪميشن 120 ڏينهن ۾ ئي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا هڪ ميمبر ٻئي جي خلاف ريفرنس اماڻي سگهي ٿو؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته ڪوبه ميمبر ريفرنس نٿو اماڻي سگهي. اليڪشن ڪميشن پاڻ مقرر وقت ۾ ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. عدالت چيو ته اوهان ته شڪايت جي قانوني حيثيت کي چئلينج ئي نه ڪيو آهي جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اوهان جو ڪيس ته هاڻ ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ نه آهي اوهان جو ڪيس ٻڌي هاڻ اسان ڪٿي اماڻينداسين؟ چيف جسٽس چيو ته اوهان درخواست سان گڏ حقيقتن جي سمري لڳائي ان ۾ ٻڌايو اوهان ڇا ٿا چئو؟ شڪايت ايڊيشنل سيشن جي بجاءِ مئجسٽريٽ ڏانهن وڃڻ گهرجي ها؟ چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اوهان اسان کي سمجهايو، اوهان چئو ٿا ته پهريان معاملو مئسجٽريٽ اٿاريندو پوءِ ئي سيشن ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿيندو. لطيف کوسي چيو ته جي ها مئجسٽريٽ پهريان ڏسندو ته ڪيس ٺهي به ٿو يا نه. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته هن معاملي ۾ مداخلت نه پيا ڪريون، سڀاڻي هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو اسان ٻئي ڏينهن ڪيس ٻڌنداسين جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.