اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ويجهي دوست عون چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي بشريٰ بي بي سان شادي جي خواهش جو ٻڌي حيران ٿي ويو هئس پر عمران خان کان 15 کان 20 سال ننڍو هئڻ سبب ڪجهه ڪري نه سگهيس. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي عون چوڌري چيو ته مان عمران خان جو ويجهو وفادار دوست هئس هن مون کي بطور فيملي جي ميمبر طور سمجهيو پر هن جڏهن مون کي ٻڌايو ته هو بشريٰ بي بي سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته مون کي تمام گهڻي حيرت ٿي مون ان کان سوال ڪيو ته ڇا هو خوش آهي؟ ته هن چيو ته جي! ان کان پوءِ مان ٻنهي جي شادي ۾ بطور گواهه شريڪ ٿيس. عون چوڌري چيو ته عمران خان سان گڏ مان ڪيترائي ڀيرا شادي کان اڳ به بشريٰ بي بي سان ملي چڪو هئس هو بني گالا ۾ نه رهندي هئي پر عمران خان شادي کان اڳ بشريٰ بي بي سان ملندو رهندو هو، هو چوندو هو ته منهنجو بشريٰ بي بي سان تعلق روحانيت جي حوالي سان آهي. عمران خان ان وقت ڪافي ڊسٽرب هو. عون چوڌري ٻڌايو ته مان کيس ڪيئن چوان ها ته شادي نه ڪريو، عمران خان 62 کان 65 سالن جو آهي ۽ مان ان کان 15 کان 20 سال ننڍو آهيان. هن کان ننڍي هجڻ سبب مان اهو ڪيئن ٿي چئي سگهيس ته پنهنجي زندگي جو اهو فيصلو نه ڪري. عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان سان شادي ۽ پوءِ طلاق بابت ڳالهائيندي عون چوڌري چيو ته اهو فيصلو به عمران خان جو هو. هن مون کي چيو ته مون کي شادي ڪرڻي آهي جنهن تي مون کيس چيو ته جيڪڏهن اوهان لاءِ اها شادي سٺي ثابت ٿي سگهي ٿي ته اوهان بسم الله ڪريو.