اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن ۽ نگران حڪومت کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم سنڌ جي نگران وڏي وزير کي انتظاميا معاملن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here