مستونگ (م ڊ) مستونگ ڀرسان قومي شاهراهه تي اڻڄاتل دهشتگردن فورسز جي ميس تي دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا. پوليس ذريعن موجب، مستونگ ۾ قومي شاهراهه تي اڻڄاتل دهشتگرد فورسز جي ميس تي دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، واقعي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو. ڌماڪي کانپپوءِ دهشتگردن ۽فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، حملي آورن جي گرفتاري لاءِ علائقي کي گھيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو. بلوچستان جي نگران وڏي وزير۽ نگران گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ جو عزم ورجايو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here