همبنٽوٽا (م ڊ) پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. همبنٽوٽا ۾ کيڏيل ٽن ميچن واري سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ  ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 47 ڏهائي هڪ اوورن ۾ 201 رنسن ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان امام الحق 61،  شاداب خان 39 ۽ افتخار احمد 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. افغان ٽيم طرفان مجيب الرحمان 3، محمد نبي ۽ راشد خان 2-2  وڪيٽون ورتيون. پاڪستان طرفان مليل 202 رنسن جي حدف جي جواب ۾  پوري افغان ٽيم 59 رنسن تي ڍير ٿي وئي. افغان ٽيم طرفان 9 رانديگر  ڊبل فگر ۾ ئي داخل نه ٿي سگهيا، رڳو رحمت الله گرباز 18 ۽ عظمت الله عمرزئي سورهن رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان حارث رئوف 5، شاهين شاهه آفريدي 2، شاداب خان ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ  24 آگسٽ تي خميس ڏينهن ساڳئي گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here