ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس 25 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي.بلاول ڀٽو زرداريءَ جمعي ڏينهن پ پ جي سي ايِ سي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ طلب ڪيو. پ پ جي سي ايِ سي جو اجلاس منجهند ٽي وڳي ٿيندو. سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽِيءَ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان اهم اجلاس ۾ ذاتي شرڪت يقيني بڻائڻ. پ پ جي سي ايِ سي اجلاس ۾ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو ۽ ايندڙ حڪمت عملي طئه ڪرڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا.