راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان رينجرز ڀارت طرفان منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ناڪام بنائيندي 6 ڀارتي اسمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ کان 3 آگسٽ تائين 6 ڀارتي اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن. آءِ ايس پي آر موجب گرفتار ڀارتي شهرين ۾ فيروز پور جا رهواسي گرميج سنگهه، شندر سنگهه، جگندر سنگهه، وشال سنگهه شامل آهن. جڏهن ته جالندهر جي رهائشي مهندر سگهه ۽ لدهيانه سان تعلق رکندڙ گروندر سنگهه کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب گرفتار ڪيل اسمگلرن جي خلاف پاڪستان ۾ غيرقانوني داخلا تي پاڪستاني قانون ۽ رياست مخالف سرگرمين تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ڀارتي اسمگلرن جي بي ايس ايف جي نگراني هيٺ بارڊر کان بنا روڪ ٽوڪ جي چرپر حيران ڪندڙ آهي.