اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن چونڊن جي حوالي سان ملڪ جي سمورين وڏين سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊن جي شيڊول ۽ تاريخ بابت سياسي پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي روڊ ميپ تي صلاح مشورا ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪندي، تڪبندين ۽ ووٽر لسٽن جي معاملن تي به سياسي پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي. ذريعن موجب سياسي پارٽين سان اليڪشن ڪميشن جي ملاقاتن جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندو.