اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان چيو آهي ته عالمي برادري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٺوس انداز اختيار ڪڻ ۽ ان جي بنيادي سببن کي حل ڪري، پاڪستان سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي ڏک ۽ تڪليف کي چڱي ريت سمجهي ٿو، پاڪستان کي 80 هزار کان وڌيڪ شهادتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ معيشت کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو، دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سميت رياستي دهشتگردي جي متاثرين کي به ياد رکڻ گهرجي. اها ڳالهه دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته هو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس انداز اختيار ڪري ۽ ان جي بنيادي سببن کي حل ڪري، ڊگهي عرصي کان حل طلب تڪرارن، غيرملڪي قبضي ۽ خودمختياري جي حق کان انڪار سان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جون حالتون پيدا ٿين ٿيون جن جو ٺوس طريقي سان منهن ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ عالمي برادري طور تي اسان جي طاقت اتحاد، گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل عمل ۾ لڪل ۾ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان عالمي حصيداري، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي مضبوط بڻائي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ دنيا جو تصور ڪري سگهون ٿا. پاڪستان دهشتگردي جي متاثرين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي دهشتگردي جي حملن ۾ مارجي ويل ۽ زندهه بچي ويلن کي عالمي برادري سان خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۾ شامل آهي. بيان موجب ان ڏينهن اسان جا خيال زندهه بچي ويندڙن ۽ متاثرين جي گهرڀاتين سان گڏ آهن، اسان پنهنجي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ترجمان چيو ته هڪ اهڙي قوم جي طور تي جنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، پاڪستان سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي ڏک ۽ تڪليف کي چڱي ريت سمجهي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گزريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان اسان جي سرحدن جي پار کان منصوبابندي، سپورٽ ۽ اسپانسر ڪئي ويندڙ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، ان عرصي دوران ان کي 80 هزار کان وڌيڪ شهادتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ معيشت کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو، انهن چئلينجز اسان کي ڪمزور نه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، قومي عزم، ريزيلينس ۽ عوام جي بي مثال قربانين جي ڪري پاڪستان حالتن جو رخ موڙڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف فتح حاصل ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته جيئن ته اسان سڄي دنيا ۾ متاثرين کي ياد ڪريون ٿا ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اسان کي رياستي دهشتگردي جي متاثرين کي به ياد رکڻ گهرجي جن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير به شامل آهي، 1990ع جي ڏهاڪي کان ڀارتي فوجين والاريل ڪشمير ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد، 22 هزار کان وڌيڪ عورتن کي بيواهه، هڪ لک 8 هزار ٻارن کي تيم ۽ 11 هزار عورتن جي لڄ لٽي آهي. ترجمان چيو ته عالمي برادري کي به والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي متاثرين سان گڏ بيهڻ گهرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here