اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته مذهبي زيارتن کان وٺي پاڪستان ۾ سعودي سياحت ۽ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير جي عزم تي ٿورائتا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير توفيق بن فوزان الربيعه سان ملاقات ٿي جيڪو هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال حج دوران سعودي عرب جي ڪوششن ۽ ايس آئي ايف سي تحت ان جي سيڙپڪاري جي دلچسپي کي ساراهيو. هن چيو ته مذهبي زيارتن کان وٺي پاڪستان ۾ سعودي سياحت ۽ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ان جي عزم تي ٿورائتا آهيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here