اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي جڏهن ته نگران ڪابينا جو اهم اجلاس به اڄ طلب ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب، صدر عارف علوي جي ٽوئيٽ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي به ڪابينا اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو. ٻئي پاسي نگران وزيراعظم ڪابينا اجلاس کانپوءِ هڪ ڏينهن جي دوري لاءِ روانو ٿيندو. نگران وزيراعظم ڪراچي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀريندو. انوار الحق ڪاڪڙ گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان به ملاقات ڪندو. ذريعن دعوى ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد به نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪندو جنهن دوران ڪراچي جي مسئلن  ۽ ايندڙ اليڪشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here