همبوٽونا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ٽي ون ڊي ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ اڄ سريلنڪا جي شهر همبوٽونا ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان وقت ميچ اڄ منجهند اڍائي وئي شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ميچ 24 آگسٽ تي انهيءَ هنڌ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 26 آگسٽ تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. افغانستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ ٽي ٻڙي سان ڪاميابي پاڪستاني ٽيم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ جي نمبر ون ٽيم بڻائيندي. آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ۾ پاڪستان جي 166 جڏهن ته ون ٽيم آسٽريليا جا 118 پوائنٽ آهن، افغانستان خلاف گرين شرٽس جي فتح انهن پوائنٽن کي 119 تائين پهچائيندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here