راڻيپور (رپورٽ: وحيد شاهاڻي) ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاهه ۽ حويلي مان بازياب ڪرايل عورتن ۽ ٻارڙين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پوليس 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي اسد شاهه کي ٻيهر راڻيپور جي عدالت آڏو پيش ڪيو، حويلي مان بازياب ڪرايل 3 عورتن ۽ 4 ٻارڙين کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت آڏو پيش ڪيل عورتن ۾ خالده، ببلي ۽ ڪوڙان شامل آهن، جڏهن ته بازياب ڪرايل 4 ٻارن ناياب، رافع، عافيه ۽ عليزا کي به عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ ٻارڙي فاطمه جي امڙ لڙڪ لاڙيندي دانهيو ته منهنجي ڌيءَ فاطمه سان انصاف ڪيو. ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو جي اڳوڻي ۾ پوليس گذريل ڏينهن حويلي ۾ سرچ آپريشن دوران عورتن ۽ ٻارن کي بازياب ڪرايو هو. حويلي مان عبدالستار شاهه، مسعود شاهه ۽ بچل شاهه سوڌو 4 ڄڻا گرفتار به ڪيا ويا هئا نينگري فاطمه ۽ اسد شاهه سوڌو 4 ڄڻن جا جُزا وٺي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويا، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ مقتوله فاطمه سان جنسي زيادتي جي تصديق ٿي چڪي آهي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ اسد شاهه ۽ راڻيپور جي اڳوڻي ايم ايس سميت 6 جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن