لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ صمصام بخاري استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. صمصام بخاري لاهور ۾ جهانگير ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي 9 مئي واقعن جي مذمت ڪئي. هن چيو ته جهانگير ترين ۽ عليم خان جي قيادت ۾ آءِ پي پي ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جيڪا آڊيو ليڪ ٿي، ان سان منهنجو ڪو واسطو ناهي. ان موقعي تي جهانگير ترين چيو ته نئين مردم شماري تحت تڪ بندين کانپوءِ چونڊون ٿيڻ گهرجن، مارچ ۾ سينيٽ چونڊون ٿيڻيون آهن، ان کان اڳ عام چونڊون ٿيڻ گهرجن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here