اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جڙانوالا واقعي تي ڏاڍو ڏک آهي، اهو واقعو معاشري ۾ موجود هڪ مرض جي نشاندهي ڪري ٿو. جڙانوالا واقعي جي متاثرن ۾ 20-20 لک رپين جا چيڪ ورهائڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين ۽ رياست اڳتي اهڙي قسم جا واقعا ٿيڻ نه ڏيندي. هن چيو ته اقليتن جي جان ۽ مال تي جيڪڏهن ڪنهن شخص ظلم ڪيو ته ايڪشن وٺنداسين، ملڪ ۾ اهڙي ڪا جاءِ ناهي، جتي عيسائي برادري جو ڪنٽريبيوشن نه هجي. سندس موجب قرآن شريف ۾ الله پاڪ حضرت عيسيٰ عه جو شان بيان ڪيو آهي، بي بي مريم جو شان بيان ڪيو آهي، ان کي تسليم ڪندڙ ٻه طبقا پاڻ ۾ ڪيئن وچڙندا؟ قطعي نه. نگران وزيراعظم چيو ته انتهاپسندي جو ڪنهن مذهب، فرقي يا علائقي سان ڪو واسطو ناهي، اقليتن جي تحفظ جي ذميواري اسان سڀني تي آهي، ڪنهن به مذهب جي پيروڪارن جي تحقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here