اليڪشن ڪميشن واضح ڪري ڇڏيو ته تڪبندين کانپوءِ ئي چونڊون ٿينديون جنهن جي ڪري اليڪشن وقت تي نه ٿي سگهندي اليڪشن ڪميشن جي اهڙي اعلان بعد نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته چونڊون ڪرائڻ وارو معاملو گهڻو دير ٿيندي پيو ڏسجي، اليڪشن ڪميشن جي شيڊول مطابق تڪبندين جي حتمي لسٽ 14 ڊسمبر 2023ع تي جاري ٿيندي، اليڪشن ڪميشن تازو ٿيل ڊجيٽل آدمشماري 2023ع جي سرڪاري طور جاري ڪيل انگن اکرن تحت نئين سر تڪبنديون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تڪبندين ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي ان تحت 17 آگسٽ کان ملڪ اندر انتظامي يونٽس جون بائونڊريون منجمند تصور ٿينديون، هر صوبي ۽ اسلام آباد لاءِ تڪبندي ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون 21 آگسٽ 2023ع تي قائم ٿينديون، 22 آگسٽ 2023ع کان 31 آگسٽ 2023ع تائين تڪ بندين لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويندا، صوبائي حڪومتن کان ضلعي، تعلقن جا نقشا ۽ آدمشماري جون ضلعي وار رپورٽون ، سينسز سرڪلر بلاڪس جا نقشا حاصل ڪيا ويندا،  پهرين سيپٽمبر کان 4 سيپٽمبر تائين تڪبندين لاءِ جوڙيل ڪاميٽين جي ٽريننگ ٿيندي، 5 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي ضلعي وار ڪوٽا طئي ٿيندي، 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر  تائين ابتدائي تڪبندين جي لسٽ شايع ٿيندي، 10 آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين تڪبندين تي اعتراض جمع ڪرائي سگهبا، 10 نومبر کان 9 ڊسمبر تائين تڪبندين بابت اعتراضن کي اڪلايو ويندو ۽ ائين 14 ڊسمبر تي تڪبندين جي حتمي لسٽ جاري ٿيندي، اليڪشن ڪميشن جي ذميوار ذريعن مطابق تڪبندين جي حتمي لسٽ کان پوءِ 90 ڏينهن اندر ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول جاري ٿي سگهندو، جنهن سان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽٽڻ کان پوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿي سگهڻ وارو مامرو واضح ٿي  ويو آهي، تڪبندين سان گڏ اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن جي تياري به شروع ڪري، اليڪشن ڪميشن جي طرفان شيڊيو جاري ڪرڻ بعد ان ڳالهه جي گهڻي ڀاڱي پڪ آهي ته عام چونڊون مارچ 2024ع ۾ ئي ٿينديون. چونڊن ۾ دير جي حوالي سان اڳوڻي حڪومتي اتحادي جماعتن طرفان به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ان سان گڏ ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ ۾ حڪومتي توڙي اپوزيشن جي ميمبرن چونڊون آئين موجب 90 ڏينهن م ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو، اليڪشن ڪميشن سي سي آءِ طرفان ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن جي منظوري کانپوءِ نين تڪبندين کي آئين جي گهرج قرار ڏئي رهي آهي جنهن تحت ايندڙ چونڊون نين تڪبندين تحت ڪرائڻ لاءِ شيڊيول جو به اعلان ڪيو ويو آهي ۽ سينيٽ ۾ مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ واري ٺهراءَ ۾ به آئين جي پوئواري جي ڳالهه ٿيل آهي جنهن کي ڏسي اهو چوڻ غلط نه هوندو ته آئين جو آئين سان ٽڪراءُ ٿيندي پيو ڏسجي اهو بحث پنهنجي جاءِ تي پر اها راءِ پختي آهي ته فوري طور چونڊون ئي ملڪي مسئلن جو حل آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here