سيالڪوٽ (رم ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته صدر عارف علوي کي نوٽيفڪيشن جي 2 ڏينهن کانپوءِ خيال آيو ته الله کي واهه بڻائڻو ۽ ۽ معافي گهرڻي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بد ديانتي جي به ڪا حد هوندي آهي، سوشل ميڊيا کي گند ڪنهن بڻايو ۽ هڪ سڄي نسل کي تباهه ڪيو ويو. خواجا آصف چيو ته ٽي وي اسٽيشن ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪنهن ڪيو، ان جي به معافي گهري وڃي، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ مخالف ڌر خلاف قانون جو غلط استعمال ٿيو ان جي به معافي گهري وڃي. چيو ته 9 مئي تي جڏهن رياست خلاف بغاوت ٿي ته صدر پاڪستان جي ڪهڙي ذميواري هئي، توهان ڪڏهن سوچيو آهي. خواجا آصف چيو ته اڄ جڏهن آئين موجب قانون ٺاهيو پيو وڃي ته توهان جو جعلي ضمير جاڳي پيو آهي. اوهان عوامي شعور کي گهٽ نه سمجهو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here