اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي کاتي چيو آهي ته جڙانوالا واقعو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، ذميوارن کي انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آڻڻ تائين حڪومت سک جو ساهه نه کڻندي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي تهپاڪستان قيادت ۽ سوسائٽي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ترجمان موجب، اهڙا پرتشدد ۽ عدم برداشت تي ٻڌل قدم پاڪستاني اخلاقيات سان مطابقت نٿا رکن. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستاني رياست جڙانوالا واقعي جي متاثرن سان گڏ آهي، ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي.