لنڊن (م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ نون جو صدر شهباز شريف لنڊن پهچي ويو آهي. گذريل ڏينهن مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته صدر ن ليگ شهباز شريف لنڊن جي لاءِ روانو ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پنهنجي پٽ سليمان شهباز سميت لنڊن پهچي ويو آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهباز شريف اڄ منجهند مسلم ليگ نون جي قائد ميان محمد نواز شريف سان ملاقات ڪندو جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، وطن واپسي سميت  ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here