اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت طرفان صدر عارف علوي جا آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ترميمي ايڪٽ بابت الزام رد ڪندي چيو آهي ته  صدر بل منظور يا وري رد ڪري سگهي ٿو، ٽيون ڪو آپشن ناهي، ڏهن ڏينهن اندر صدر نه بل تي صحيح ڪئي ۽ نه وري اعتراض هڻي واپس ڪيو،  مقرر وقت اندر منظور نه ڪرڻ تي بل پاڻمرادو قانون بڻجي ويندو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته صدر عارف علوي پنهنجي ذاتي اڪائونٽ تان هڪ ٽوئٽ ڪيو آهي. هن چيو ته صدر عارف علوي پارليامينٽ کي موڪليل ٻن بلن تي ڳالهايو آهي، ڪنهن به قسم جو ڪو طوفان نه آيو آهي. سندس چوڻ هو ته صدر طرفان ڏهن دوران ڪنهن به قسم جو جواب نه مليو، صدر بل خدشن سان واپس نه ڪيو، ٻئي بل پاڻي قانون بڻجي چڪان آهن. مرتضيٰ سولنگي چيو ته قانون واري وزارت جي پريس رليز کانپوءِ ڪنهن به قسم جو ڪو جهول ناهي،  خبر ناهي ته صدر جي ڪهڙي خواهش آهي هو پنهنجي عهدي تي رهڻ چاهي ٿو يا نه ٿو رهڻ چاهي. نگران قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم چيو ته  صدر پنهنجي ٽويٽ ۾ بلن تي جيڪي اعتراض لکيا هو چاهي ها ته ساڳيا اعتراض واپس لکي موڪلي ڇڏي ها. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 75 ۾ ڏهن ڏينهن جو مدو آهي، جيڪڏهن صدر ٻئي آپشن نه ٿو استعمال ڪري بلن جي منظوري ٿي ويندي آهي. احمد عرفان اسلم چيو ته صدر جي مرضي بابت صدر کي ئي خبر آهي، نگران حڪومت جي ڪابه سياسي ايجنڊا يا مئنڊيٽ ناهي، کين پنهنجو پاڻ کي رڳو حقيقتن تائين محدود رکڻ گهرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here