اسلام آباد ( م ڊ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلز بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي بيان تي سياستدانن جو ردعمل سامهون آيو آهي. صدر جي بيان تي ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقيءَ چيو ته صدر علوي کُلي ڳالهائي، جيڪڏهن بلن تي اختلاف هو ته هن اعتراض ڇو نه واريا؟ ها يا نه کانسواءِ بل واپس اُماڻڻ جو  ڪهڙو مقصد هو؟ . هن چيو ته ميڊيا تي خبرون اچڻ باوجود هو ٻن ڏينهن تائين چپ ڇو ويٺو رهيو؟ صدر معاملو وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اسٽاف جا ماڻهو به سندس وس ۾ ناهن ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي. اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته اِها ڳالهه قبول ڪرڻ جوڳي ناهي، اخلاقيات جي گهرج آهي ته صدر استعيفيٰ ڏي. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جنهن صدر کي خبر ناهي ته ايوانِ صدر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اهو عهدي جي اهل ئي ناهي، صدر بيان ڏيڻ، معافي وٺڻ بدران ٻڌائي انهن آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير شيري رحمان صدر تي تنقيد ڪندي چيو ته ڇا هو اِهو چوڻ ٿو ڇاهي ته سندس جي مرضي کانسواءِ بلز تي ڪو ٻيو صحيحون ڪندو آهي؟ . شيري رحمان چيو ته صدر جي وضاحت سندس صدارتي منصب سنڀالڻ جي اهليت تي سوليا نشان آهي، جيڪڏهن ائين ئي آهي ته صدر کي عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن اوهان جو عملو اوهان جي چوڻ ۾ ناهي ته صدارتي منصب ڇڏي ڏيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ هو صدر هائوس کي آرڊيننس فيڪٽري طور هلائي رهيا هئا، ڇا تڏهن به آرڊيننسز تي ڪوٻيو صحيحون ڪري واپس ڪندو هو؟ .  سندس چوڻ هوته صدر عارف علوي پنهنجي وضاحتي بيان کانپوءِ صدارت جي آئيني عهدي تي رهڻ جي اهل ناهي رهيو. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته هي ته هڪ نئون پنڊورا باڪس کُلي ويو آهي، جيڪڏهن صورتحال واقعي اهڙي ئي جيئن صدر لکيو آهي ته اِها رياست، پارليامينٽ ۽ قانون سازي سان گڏوگڏ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي توهين آهي. سينيٽر وڌيڪ چيو ته معاملا هڪ دفعو وري عدالتن ۾ ويندا، مُلڪ جي اعليٰ ترين منصب تي ويٺل شخص جي حال مان پاڪستان جون حالتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، الله پاڪستان تي رحم ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here