اسلام آباد ( م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي نياڻي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن، وڪيل ايمان مزاري کي ۽ پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ علي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت ايمان مزاري جو جڊيشل رمانڊ ۽ علي وزير جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ علي وزير ۽ اڳوڻي وفاقي شيرين مزاري جي نياڻي ۽ وڪيل ايمان مزاري کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران ميڊيا کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ کان روڪي ويو، ان موقعي پوليس جي وڏي نفري  عدالت جي ڪمري ٻاهران مقرر ڪئي وئي. ايمان مزاري ۽ علي وزير مٿان بنا اجازت جلسي ۽ سرڪار ڪم رنڊڪ وجهڻ جو ڪيس داخل ڪيو  ويو آهي. ٻڌڻي دوران پوليس علي وزير ۽ ايمان مزاري جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن خلاف بغاوت ۽ دهشتگردي جي ٻي ايف آءِ آر به جج جي آڏو پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران شرين مزاري روسٽرم تي آئي ۽ چيو ته مان ڪيس ۾ نامزد نه آهيان، منهنجي موبائيل کسي وئي ، گهر جون سي سي ٽي وي ڪيمرائون ٽوڙيون ويون، اهڙي واقعي بعد پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪريان ٿي. جج شيرين مزاري کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي جاچ آفيسر کي سندس موبائيل فون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت علي وزير ۽ ايمان مزاري کي سڀاڻي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي، ايمان مزاري کي ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ جڊيشل رمانڊ تي اُماڻي ڇڏيو. واضح رهي ته اڄ صبح اسلام آباد جي ترنول ٿاڻي جي پوليس طرفان اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي نياڻي ايمان مزاري کي گرفتار ڪيوويو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here