اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي به اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته توشه خانه ڪيس ۾ گرفتار تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي به سائفر گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ذريعن ٻڌايو آهي ته اڄ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي به اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. اسد عمر کي سائفر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.