اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڪجهه سيٽن تي نقصان جي ڊپ کان آدمشماري تي اعتراض ڪري رهي آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته چونڊن ۾ 90 ڏينهن جي دير سان ڪوبه فرق نه پوندو. پيپلز پارٽي ڪجهه سيٽن تي نقصان جي ڊپ سبب آدمشماري تي اعتراض ڪري رهي آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل اتفاق راءِ سان آدمشماري جي منظوري ڏني ۽ ڪائونسل ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندگي به هئي. هن چيو ته هن آدمشماري تي سڄي قوم کي ڀروسو آهي. نئين آدمشماري کان پوءِ نيون تڪبنديون آئيني گهرج آهي. ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير شيري رحمان چيو هو ته پيپلز پارٽي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو هو ته موجوده سيٽون تبديل نه ٿينديون. شيري رحمان وڌيڪ چيو ته تڪ بندين ۾ 4 مهينا لڳڻ جو اليڪشن ڪميشن جو اعلان ڳڻتي ۽ مايوسي جو سبب آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي تي سنجيدگي سان نظر ثاني ڪري.