اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي مقامي عدالت سائفر گمشدگي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي ان ڪيمره ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي طرفان شاهه محمود قريشي جي 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ عدالت محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کيس ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي گذريل ڏينهن ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو.