اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڪشاف ڪيو آهي ته هن آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ترميمي بلز تي صحيحون نه ڪيون آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله کي گواهه ٺاهي چوان ٿو ته مون آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل 2023 ۽ پاڪستان آرمي ترميمي بل 2023 تي صحيحون نه ڪيون آهن ڇو ته مان ان ۾ ڄاڻايل قانون بابت متفق نه هئس. صدر چيو ته مون پنهنجي عملي کي چيو هو ته هو بنا صحح ٿيل بلن کي مقرر وقت جي اندر واپس ڪري ڇڏين ته جيئن انهي کي غير موثر بنائي سگهجي. مون ملازمن کان ڪيترائي ڀيرا تصديق ڪئي ته اوهان بل اماڻيا آهن جنهن تي مون کي يقين ڏياريو ويو ته اهي بل واپس وڃي چڪا آهن. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته مون کي اڄ خبر پئي آهي ته منهنجي عملي منهنجي مرضي ۽ حڪم جي خلاف اهو سڀ ڪجهه ڪيو. رب پاڪ کي سڀ خبر آهي، انشاءَالله اهوئي معاف ڪندو. مان انهن ماڻهن کان به معافي گهران ٿو جيڪي هن مان متاثر ٿيندا.