ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ پوليس هڪ اهلڪار ۽ هڪ سياسي جماعت جي ڪارڪن کي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب، ملير جي علائقي شرافي ڳوٺ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ پوليس اهلڪار زاهد شير محمد قتل ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار زالد شير محمد پنهنجي گهر ٻاهران ويٺو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، طبي امداد لاءِ اسپتال منتقلي دوران دم ڏيئي ڇڏيو. پوليس موجب، اهلڪار زاهد شير محمد فارن سيڪورٽي سيل ۾ موجود هو، واقعي ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ فائرنگ سمم پاڪستان پيپلزپارٽي جو مقامي اڳواڻ مارجي ويو. ايس ايس پي ڪياماڙي موجب، اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن يوسي 31 جي پيپلزپارٽي جي نائب صدر شوڪت حمات کي گهر ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ هو يا ڦر مزاحمت جو آهي، ان بابت فلحال ڪجهه نٿو چئي سگھجي جاچ ڪئي پئي وڃي.