لاهور (م ڊ) پنجاب جي علائقي پنڊي ڀٽيان ڀرسان مسافر بس کي باهه لڳڻ سبب 16 ڄڻا سڙي فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪراچي کان اسلام آباد ويندي مسافر بس کي پنڊي ڀٽيان ڀرسان موٽر وي تي روڊ تي بيٺل پڪ اپ سان ٽڪرائجي وئي جنهن کانپوءِ ٻنهي گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي. ڊي پي او ڊاڪٽر فهد جو چوڻ آهي ته بس مان 16 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته حادثي ۾ ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور به سڙي فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب، بس ۾ 40 کان 45مسافر سوار هئا، 16 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. بچي ويل مسافرن جو چوڻ آهي ته مسافر بس ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهي هئي ته هڪ گاڏي سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ بس کي باهه وڪوڙي ويئي ۽ مسافرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو. پوليس موجب صبح تقريبن ساڍي چئين وڳي پڪ اپ ۽ بس ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن کانپوءِ گاڏين کي باهه لڳي وئي، ٻئي گاڏيون سڙي رک ٿي ويون، پڪ اپ ڊيزل سان ڀريل هئي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here