لاهور ( م ڊ) پوليس زمان پارڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي گهر ٻاهران پوليس شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس اختيارين موجب زمان پارڪ ۾ مقرر اهلڪارن شڪي سرگرمين تي هڪ شخص کي روڪي چيڪنگ ڪئي، جنهن جي قبضي مان نائن ايم ايم پستول ۽ 10 گوليون هٿ ڪيون ويون. اهلڪارن هٿيار هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ريس ڪورس ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو، جتي جوابدار خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here