اسلام آباد (م ڊ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته 9 مئي تي حملو اوچتو نه هو، مڪمل پلاننگ سان ڪيو ويو هو، جڏهن ملٽري تي فوج تي حملو ٿيندو آهي ته ڪيس به فوجي عدالت ۾ هلندو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته 9 مئي جي حملي آورن سان وڌيڪ سختي ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي ذميوارن کي سزا ڏيارڻ اسان جي پهرين ترجيح هوندي.